سنڌو ماٿريءَ جي لکت جو اڀياس

سنڌو ماٿريءَ جي لکت جو اڀياس

سنڌو ماٿريءَ جي لکت جو اڀياس 2

سنڌو ماٿريءَ جي لکت جو اڀياس (ڪتاب): سنڌو ماٿريءَ جي لکت بابت جان. اي مچينر (Study of Indus Valley Script) جو سنڌي ترجمو، نامور مترجم عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ صوبائي وزير انفرميشن ۽ آرڪائيوز انجنيئر محمد رفيق مغل، سيڪريٽري انفرميشن آرڪائيوز قاضي شاهد پرويز ۽ جنرل ايڊيٽر ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ جا نوٽ ڏنا ويا آهن. ڪتاب جو مهاڳ عطا محمد ڀنڀري جو لکيل آهي. هي ڪتاب اٺن بابن تي مشتمل آهي، جن ۾ سنڌو لکت جي اڀياس، ست مٿانهن ماڳن، مختلف نشانين جي مچلن، دلمون، ماگان، سيلوها، لکتن جي گرامر موجب شڪل وغيره تي بحث ڪندي باب اٺين ۾ نتيجو ڪڍيو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي 136 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هي ڪتاب سنڌ آرڪائيوز کاتي ڪراچيءَ، 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 200 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو